انشاء هرڪرن (قلمي)

انشاء هرڪرن (قلمي)

انشاء هرڪرن قلمي

انشاء هرڪرن (قلمي): هي قلمي نسخو اصل ۾ هرڪرن بن مهتراداس ڪنبوه ملتانيءَ جو لکيل ڪتاب آهي، جيڪو 18 ۽ 19 صدي عيسويءَ ۾ مدرسن ۽ مڪتبن ۾ لازمي پڙهايو ويندو هو. هن ڪتاب کي مڪمل پڙهي وڃڻ واري کي جلد سرڪاري ملازمت ملي ويندي هئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ هي ڪتاب لازمي پڙهايو ويندو هو. هي ڪتاب حاڪمن، وزيرن ۽ اميرن ڏانهن خط، فرمان ۽ پروانا لکڻ لاءِ هڪ بهترين ڪتاب هو. هن ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”بعداز حمد سپاس مر حضرت ايزد متعال ذوالجلال
والا فضال آنکه بنده شکسته دلخسته عاصي فقير
حقير هيچمدان اصنعف عبادالله هرکرن ولد
مهتراداس ڪنبوه ملتاني در دارالخلافه......“
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
”..... سيد ڪريم بخش شيرازي عرف شکرالاهي
صورت.......“
هي قلمي نسخو خط نستعليق ۽ خط شڪسته ۾ ڪتابت ٿيل آهي، جيڪو 56 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو